اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان والاريل ڪشمير جي گادي واري شهر سرينگر جي جامع مسجد ۾ شب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن تي پابندي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڀارتي قا??ض فوج رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ۾ تيزي آندي آهي، ڀارتي قا??ض فوج سرينگر جي جامع مسجد ۾ شب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن تي پابندي لڳائي جنهن جي پاڪستان سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، هن چيو ته امن ۽ رحمت جي مقدس مهيني ۾ ڪشميري مسمانن جي مذه??ي آزادي تي پابندي لڳائي وئي آهي جيڪا قا??ل مذمت آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قا??ض فوج پاران اهو ظالماڻي قدمن جي هڪ نئين ڪڙي آهي جنهن سان مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن، ان کان اڳ والاريل ڪشمير ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي، مسجدن ۽ درگاهن کي باهه ڏيڻ جا ناپاڪ وا??عا به رونما ٿي چڪا آهن، هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائماليون ??ري رهي آهي ۽ ان مذه??ي آزادين تي پابندي لڳائي رکي آهي، ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ ڀارت جي هٿان ڪشميري مسلمانن جي مذه??ي آزادي تي پابنديون لڳائڻ جي سخت مذمت ڪري ٿو.