سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادو فيصل بن فرحان جو ايران جي نئين پرڏيهي وزير علي باقري ڪني سان ٽيلي فونڪ رابطو ، مرحوم ايراني صدر ۽ پرڏيهي وزير جي وفات تي تعزيت جو اظهار

image

تهران -21 مئي (اي پي پي ) سعودي عرب جي پر ڏيهي وزير شهزادو فيصل بن فرحان ايران جي نئين پرڏيهي وزير علي باقري سان ٽيلي فون تي ڳالهايو آهي . ايس پي اي موجب شهزادو فيصل بن فرحان هيلي ڪاپٽر جي حادثي ۾ ايراني صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو هن ايران جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو .

مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ