اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمري??ي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت ۾ بيههِ جهڙي طرح پاڪستان جي واکاڻ ڪئي آهي ان سان ڀارت جو پاڪستان کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي ڪوششن کي بري طرح شڪست ۽ وزيراعظم عمران خان جي بيانيي کي ڪاميابي ملي آهي، ڀارت پنهنجي ئي لڳايل نف??ت جي باهه ۾ بري طرح سڙي رهيو آهي. نجي ٽيلي ويزن چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خاص مددگار چيو ته ڀارتي وزيراعظم نر??ند?? مودي انتهاپسندي ۽ تعصباڻي نسل پرستي تي ٻڌل سوچ کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي، ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلم دنيا جي سامهون ان جي نام نهاد جمهوريت پسنداڻي چهري کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي.