اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ ۽ صوبي ۾ سماجي ۽ معاشي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وفاقي حڪومت بلوچستان جي تع??ير ۽ ترقي جي ڏس ۾ صوبا??ي حڪومت جي هر ممڪن طريقي سان مدد لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه پارلياماني پارٽي بلوچستان جي وفد سان ڳالهائيندي ??ئي جنهن خاص معاون سردار يار محمد رند جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.