اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو ??هي ته ٻار معاشري جا مستقبل هوندا آهن، معاشري جي مستقبل ??ي خلاف ڏوهن ۽ خاص طور تي معصوم ٻارن جو جنسي استحصال پوري معاشري لاءِ باعث شرم ۽ افسو??نا?? آهي، ٻارن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ نه رڳو حڪومت پر معاشري جي هر فرد جي ذميداري ??هي ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ هر ممڪن قدم کڻندي، وزيراعظم انساني حقن واري وزارت کي ٻارن جي خلاف ڏوهن جي روڪٿام لاءِ گهرو وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي مشاورت ۽ مدد سان قومي سطح تي نيشنل ايڪشن پلان کي آئنده ٻن هفتن ۾ حتمي شڪل ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن بابت ڏوه?? خاص طور تي ٻارن جي جنسي استحصال جي موثر روڪٿام جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.