لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان معاشري جي ڪمزور طبقن جي ترقي، ڀلائي ۽ بهتري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، مديني جي رياست جو ما??ل معاشري جي پيڙهيل ۽ ڪمزور طبقن جو خيال رکڻ تي تمام گهڻو زور ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان لاهور جنرل اسپتال جي سامهون فيروز پور روڊ تي پناهگاهه لاهور جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پناهگاهن جي رهواسين جي محفوظ ۽ آرامده قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا وڃن. ان کان اڳ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پناهگاهه لاهور ۾ 80 ما??هن ۽ 20 عورتن جي رهڻ جي گنجائش موجود آهي ۽ اهي پناهگاهون تمام جديد شهري سهولتن سان آراسته آهن. انهن سهولتن ۾ استقباليه، انتظار گاهه، نگراني جو نظ??م، بهترين ڪچن، مردن ۽ عورتن لاءِ کاڌي جي جاءِ، فلٽر ٿيل پاڻي، نم??ز ادا ڪرڻ لاءِ مختص جڳهه، ??فا??ي، لانڊري ۽ بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي شامل آهن. احساس سينٽر شٽل سروس، معذور ما??هن جي لاءِ سهولتن ۽ عورتن جي ڌار منزل پناه گاهه لاهور جون اهم خاصيتون آهن.