اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀا??ت والاريل ڪشمير ۾ ۽ اقليت گروهن جي خ??اف دهشتگردي جو راڄ مڙهيو آهي، آسٽريا ۽ سوئيڊن لاءِ نامزد سفير ڀا??تي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??تي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن ۽ انساني حقن جي پائمالين کي اجاگر ڪن. پاڪستان هري پور ۾ انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي قيام ۾ آسٽريا جي تعاون جي آجيان ڪري ٿو. پاڪستان سوئيڊن سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ سوئيڊن سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ ??روغ ڏيڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آسٽريا ۾ نامزد پاڪستاني سفير آفتاب احمد کوکر ۽ سوئيڊن ۾ نامزد پاڪستاني سفير ظهور احمد سان ڌار ڌار ملاقاتن دوران ڪيو.