حيدرآباد 12- سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ سڄي ??ني?? تسليم ڪيو ته قائداعظم محمد علي جناح جو موقف صحيح ۽ ٻه قومي نظريو هڪ حقيقت آهي، پاڪستان ۾ غير مسلم محفوظ ۽ ڀارت ۾ اقليتن سان ناروا ۽ انسانيت سوز سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميرپورخاص ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي ذميوارن طرفان استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هندستان جي ورهاست هڪ ناگزير حقيقت آهي ۽ اڄ ڀارت ۾ اقليتن سان جيڪو ناروا ۽ انسانيت سوز سلوڪ ٿي رهيو آهي اهو به سڄي ??ني?? ڏسي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن ۽ غيرمسلمانن کي اظهار ر??ءِ جي آزادي کان وٺي جا??ي ۽ مالي، عزت ۽ آبرو، محفوظ آهي ۽ اسان قائداعظم جي ويزن مطابق ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان لا??ِ اهو سٺو سنوڻ آهي ته قائداعظم جو تعلق سنڌ صوبي سان هو. هو هتي پيدا ٿيو ۽ هتي ئي دفن ٿيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪووڊ-19 کي منهن ڏيڻ لا??ِ هڪ موثر حڪمت عملي اپنائي آهي. ان ڪامياب حڪمت عملي کي سڄي ??ني?? ۾ ساراهيو پيو وڃي.