اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان سٽيزن پورٽل تائين عوام جي پهچ وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن ت??ت سٽيزن پورٽل جي دائري ڪار کي وڌا??و ويندو، وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستان سٽيزن پورٽل ويب سروس تيار ڪئي وئي آهي، وزيراعظم جو سمنڊ پار پاڪستانين بابت خصوصي صلاحڪار سٽيزن پورٽل ويب سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان سٽِيزن پورٽل جي توسيع سان وڌيڪ 8 ڪروڙ پاڪستاني فائديمند ٿي سگهن ٿا. ان کان اڳ اها سهولت 3 ڪروڙ 50 لک پاڪستانين کي ميسر هئي، عوام جي 8 هزار 600 ادارن ت??ئين پنهنجي شڪايتن ڪرڻ جي ل??ءِ پهچ ممڪن ٿيندي.