اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ مل?? ۾ انٽرنيٽ جي وسيع ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام شعبي بابت معاملن تي غور ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اج??اس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اج??اس ۾ مل?? ۾ انٽرنيٽ جي وسيع ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام سيڪٽر جي حوالي سان لاڳاپيل اشوز جي حل جي حوالي سان خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. شاگر??ن تائين انٽرنيٽ جي آسان پهچ ۽ سستي پئڪيج جي فراهمي جي حوالي سان پڻ قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. مل?? جي پٺتي پيل علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي ڪوريج کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان يونيورسل سروس فنڊ (يو اي?? ايف) جي مختلف منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. وزيراعظم تعليم جي فروغ جي حوالي سان ٽيلي اسڪولنگ ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي تعليم جي فراهمي جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته نوجوانن جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته انهن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي.