ڪراچي – 22 مئي (اي پي پي) ڪراچي جي هوائي اڏي ويجهو پي آءِ اي جو مسافر جهاز آبادي مٿان ڪري تباهه ٿي ويو آهي. علائقي ۾ وڏي پيماني تي امدادي ڪارروائيون شروع ٿي ويون آهن. خبر موجب پي آءِ جي ايئر بس 320 پي ڪي 8303 سوا هڪ وڳي لاهور کان ڪراچي لاءِ اڏام ڀري هئي. جمعي ڏينهن منجهند جو لينڊگ کان ڪجهه منٽ پهرين هوائي اڏي لڳ ??اق?? ماڊل ڪالوني ۾ گهرن مٿان ڪري تباهه ٿي ويو. جهاز ۾ 91 مسافر ۽ عملي جا 8 ڄڻا شامل هئا. اکين ڏٺن شاهدن موجب جهاز ڪرڻ سان زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن بعد دونهين جا ڪارا بادل ڇانئجي ويا. سول ايوي ايشن جي ذريعن موجب جهاز جي پائليٽ فني خرابي جو ا??لاع ڏنو هو ۽ گائيڊ لائين ڏيڻ دوران ريڊار تان گم ٿي ويو. حادثي جو ا??لاع ملندي ئي امدادي ٽميون ۽ قا??ون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جٿا ??اق??ي واري هنڌ پهچي ويا.