لاهور – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انسانيت جي خدمت ڪ??دڙ ماڻهو تمام عظيم آهن، هتي اچي خبر پئي ته فائونٽين هائوس دنيا جي بهترين ادارن مان هڪ آهي، اهڙي طرح جي ادارن ۾ اچي دلي ??ڪو?? ملي ٿو ۽ حقيقي خوشي ملي ٿي، معاشري جي محروم ماڻهن کي ڪارائتو شهري بڻائڻ تمام وڏي خدمت ??هي، دنيا ۾ 30 کان 40 سيڪڙو ماڻهو ڊپريشن جو شڪار آهن، ڪوشش آهي ته هڪ ڪال سينٽر قائم ڪريان جتي ڊپريشن ۽ نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ماڻهن کي فون ڪالز ذريعي ??ڪو?? ۽ آرام حاصل ڪرڻ بابت م??ور?? ڏنا وڃن، ڊبليو ايڇ او جي طرز تي اسلام آباد ۾ ا??ڪو?? ٽيچرز جي مدد سان ٻارن ??ريعي ڊپريس والدين جو علاج ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيون. هو فائونٽين هائوس ۾ ورلڊ سائيڪاٽرڪ ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ آٽزم اينڊ چائلڊ سائيڪاٽري ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.