اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي قيادت جي جنگي جنون ۽ زميني جارحاڻي قدمن سان امن ۽ سلامتي لاءِ خطرا پيدا ٿيا آهن، ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل سان ئي ڏکڻ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهج?? ٿو، عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انسانيت جي خلاف ڏوهن جي ب??ري ۾ آگاهي پکيڙڻ ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب مسئلي جي حل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي ان جي جائز خودمختي??ري و??ري حق کي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري عوام جي حمايت ج??ري رکنداسين. اها ڳالهه هن برطانوي پارليامينٽ جي آل پارٽيز پارلياماني ڪشمير گروپ (اي پي پي ڪي جي) جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.