اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ ٻنهي ا??واڻن اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي معاملي کي خيرخُوبي سان حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري تي ٿيندڙ ا??ڀر??ئي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??.