ڪرتارپور – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بنيادي مس??لو ڪشمير جو آهي، ڪشمير جو تڪرار حل ٿيڻ ??ان سڄو ننڍو کنڊ ترقي جي رستي تي گامزن ٿي??دو ۽ امن سان ڪروڙين ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي ٿو، هي رڳو زمين جو معاملو نه آهي پر ا??سانيت جو مس??لو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انسانن سان جانورن وانگر سلوڪ ڪيو پيو وڃي، خوشي آهي ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ سان سکن جي دل خوشي سان ڀريل آهي. ڪرتارپور لنگهه جو باضابطا افتتاح ڪرڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ ديوجي جي 550 هين سالگرهه تي سموري سک برادري کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن کي ڪرتارپور اچڻ تي ڀليڪار چيو.