لاهور – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته چونڊن جي التوا جو جواز پيش نٿو ڪري سگهجي، اها آئيني ضرورت آهي ۽ يقين آهي ته پاڪستان جي عوام، لاڳاپيل ادارا ۽ منظم سياسي پارٽيون آئين ۾ مقرر ڪيل مدي جي اندر چونڊن جي انعقاد کي يقيني بڻائيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان جو آئين اعليٰ ۽ مقدس آهي ۽ ان کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، آئين موجب کيس هر طرح سان غيرجانبدار صدر رهڻو آهي ۽ هو طرزعمل سان لاڳاپيل سمورن معاملن ۾ سدائين آئين جي روح جي پيروي ڪندو. صدر ??يو ته نگران حڪومت جي روح ان جي غيرجانبداري کي يقيني بڻائڻ آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ برابر جو ميدان فراهم ڪري چونڊون شفاف، منصفاڻي ۽ غيرجانبدراڻي طريقي سان ڪرايون وڃن، نگران حڪومتن جي قيام ۾ انهي جذبي جي عڪاسي ٿيڻ گهرجي. هن ??يو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪيترن ئي نتيجن ۾ دير ٿي ۽ هن ٽيڪنالاجي خاص طور تي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال تي زور ڏنو ته جيئن آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن جي انعقاد کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر وڌيڪ ??يو ته هن سياسي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي بار بار ??يو آهي ته سياسي ۽ معاشي درجه حرارت کي گهٽ ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي جيڪا انهي وقت ممڪن آهي جڏهن سموريون ڌريون ۽ لاڳاپيل ادارا قوم کي درپيش سياسي پولرائيزيشن، معيشت ۽ مهانگائي جهڙن اهم مسئلن تي متفق ٿين. صدر ??يو ته عالمي اقتصادي صورتحال ۽ اسان جي پنهنجي ڪمزورين جي نتيجي ۾ سنگين معاشي صورتحال ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ آءِ ايم ايف پاران لاڳو ڪيل شرطون ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي تي وڌيڪ دٻاءُ وجهي سگهن ٿيون، ان ڏس ۾ عو??م کي تيار ڪرڻ جي لاءِ هڪ مڪمل مينڊيٽ رکندڙ حڪومت جي ضرورت آهي. هن ??يو ته مشڪلاتن جي باوجود کيس يقين آهي ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو ۽ معيشت ٻيهر مضبوط ٿيندي. صدر ??يو ته موجوده وزيراعظم سان پنهنجي پهرين ملاقات دوران هن کيس عوامي مفاد ۾ قدم کڻڻ جو مشورو ڏنو هو جنهن ۾ بجلي، گئس ۽ پاڻي جي بچت شامل آهي. صدر ??يو ته ايوان صدر مڪمل طور تي ماحول دوست توانائي تي منتقل ڪيو آهي، ايوان صدر هڪ ميگاواٽ جي سولر پلانٽ جي ذريعي پنهنجي سموري توانائي جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو، ان کانسواءِ وڌيڪ توانائي قومي گر?? کي سپلائي پڻ ڪري ٿو. هن ??يو ته پاڪستان جي ايوان صدر ک?? عالمي سطح تي هڪ ماحول دوست صدارتي آفيس طور تسليم ڪيو ويو آهي ۽ اها دنيا جي پهرين گرين پريزيڊينسي آهي. صدر ??يو ته پنجاب جي گورنر سان ڳالهه ٻولهه دوران هن کيس ٻڌايو ته صوبي ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان آئين جي حدن کان ٻاهر ڪو قدم نه ک??يو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ پاران سياست کان جدا رهڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ انهي لاءِ هن سياستدانن تي زور ڏنو آهي ته اهي ان موقعي مان فائدو کڻن، ذميواريون سنڀالين ۽ جمهوري طريقي سان عو??م کي درپيش مسئلا حل ڪن. هن ??يو ته تاريخ بار بار ثابت ڪيو آهي ته ”مائنس ون“ جو فارمولو ڪڏهن به ڪم ناهي آيو ۽ جيڪي عنصر ان تي ڳالهه ڪري رهيا آهن يا ان تي عمل پيرا آهن اهي ملڪ جي ڪا خدمت نه ڪري رهيا آهن. هن ??يو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته سياستدانن کي توهين جي الزام ۾ هٿڪڙيون هڻي انهن جا چهرا لڪائي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي ڇو ته اهڙي طرح جو سلوڪ خطرناڪ دهشتگرد يا ڏوهاري سان ڪيو وڃي ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن??يو ته ڪنهن به م قبول اڳواڻ کي گرفتار نه ڪرڻ گهرجي، سمورين ڌرين کي اهڙو ڪو به قدم کڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي جنهن سان ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني پيدا ٿيڻ جو خدشو هجي، ان سان عام ماڻهن جي مشڪلاتن ۽ بدحالي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صدر ??يو ته ارشد شريف جي قتل جو معاملو اڃا تائين حل طلب ڳجهارت آهي. هن ??يو ته ڪو صحافي يا شهري ان سلوڪ جو مستحق نه آهي جيڪو انهن کي فراهم ڪيل قانوني ۽ آئيني حقن جي ابتڙ هجي. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر ??يو ته پي ٽي آءِ سان ??اب??تگي دوران هن ٻاهرئين ملڪ مان عطين جي منتقلي جي لاءِ هڪ لميٽيڊ لائبليٽي ڪمپني ٺاهڻ جو مشورو ڏنو هو جيڪو رقم جي قانوني منتقلي جو واحد رستو هو. هن ??يو ته اهو بلڪل قانوني ۽ عالمي قانونن جي دائري ۾ آهي ۽ اهڙي طرح جي سمورن عطين کي شفاف ۽ قانوني طريقي سان ورتو وڃي ٿو.