اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪ??ي وزير فرخ حبيب سينيئر صحافي، ڪالم نو??س عطاءُ الرحمان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيت?? بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪ??ي وزير چيو ته عطاءُ الرحمان سدائين پنهنجي قلم سان عوامي مسئلا اجاگر ڪيا، ان جون پيشيواراڻيون خدمتون سدائ??ن ياد رکيون وينديون. فرخ حبيب چيو ته صحافتي برادري هڪ سٺي ۽ ڏاهي صحافي کان محروم ٿي وئي آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ عطاءُ الرحمان کي جنت نصيب ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.