اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ آفريقا جي آنجهاني اڳواڻ نيلسن منڊيلا جي ويج??ي ساٿي نوبل ان??ام يافته آرچ بشپ ڊسمنڊ ٽوٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي تعزيتي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ڊسمنڊ ٽوٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊسمنڊ ٽوٽو نسل پرستي جي خلاف ۽ ان??اني حقن جي لاءِ جدوجهد ۾ هڪ قدآور شخصيت هئي. وزيراعظم چيو ته ڏکڻ آفريقا جي آزادي ۽ قومي مفاهمت ۾ سندس اهم ڪردار ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهي.