اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جيڪا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهي ٿي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ٻه قانون انتهائي اهميت رکندڙ آهن، انهن قانونن جي منظوري وزيراعظم عمران خان جي ڪمٽمينٽ رهي آهي، ٻنهي ايوانن جي اڪثريت هت?? موجود آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اڄ اهم بل پاس ٿي ويندا، مخالف ڌر ڪمزور پهلوانن تي ٻڌل آهي، قانونسازي کانپوءِ ??خالف ڌر جي اندر وکرڻ جو عمل تيز ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ س??ني?? ۽ قومي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، انهن سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃان ٿو ج??ڪي پنهنجون مصروفيتون ڇڏي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. هن چيو ته ٻنهي ايوانن جي ميمبرن جي اڪثريت هت?? موجود آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اهم بل پاس ٿي ويندا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ٻه قانون انتهائي اهميت رکندڙ آهن، انهن قاننن جي منظوري وزيراعظم عمران خان جي ڪمٽمينٽ رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جيڪا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهي ٿي، پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم انهن اتحادين، س??ني??رز ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ٿورا مڃيا ج??ڪي اسان بيماري ۽ مجبوري جي باوجود آيا. پارلياماني پارٽي وزيراعظم تي پنهنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اهو اعتماد پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پڻ ظاهر ٿيندو. هن چيو ته مخالف ڌر ڪمزور پهلوانن تي ٻڌل آهي، شڪست جو شڪار ٿي چڪي آهي، اڄ جي قانونسازي کانپوءِ ??خالف ڌر جي اندر وکرڻ جو عمل تيز ٿي ويندو.