ف??صل آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ح??ومت مشڪل حالتن جي باوجود عوام کي سمورو ممڪن ريليف فراهم ڪري رهي آهي پر جيئن ته ڪورونا جي عالمي حالتن جي ڪري پوري دنيا جي اڪانومي متاثر ۽ گذريل 50 سالا تاريخ جي عالمي بدترين مهانگائي جي لهر سڀني کي درپيش آهي ان لاءِ مخالف ڌر پاران حڪومت کي ان جو ??ميوار قرار ڏيڻ ۽ مهانگائي جي آڙ ۾ لانگ مارچ جو ??علان ڪري ملڪ کي انارڪي جو ??ڪار بڻائڻ ۽ افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ ڪنهن ??ه صورت ۾ صحيح قدم نه آهي جڏهن ??ه پي ڊي ايم اي لانگ مارچ ڪري يا ڪوئيڪ مارچ حڪومت کي ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي ۽ حڪومت پنهنجو ڪم جاري رکڻ سميت پنهنجو ??ئيني مدو پورو ڪندي. جي سي يونيورسٽي نيو ڪئمپس ف??صل آباد ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ڊي ايم وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي جن جو ڪو بيان هڪ ڏينهن ڪجهه ۽ ٻئي ڏينهن ڪجهه ٻيو هوندو آهي ۽ اقتدار جي حوس ۾ مبتلا اهو ٽولو اقتدار کانسواءِ تڙپي رهيو آهي پر ان جي اعلان ڪيل لانگ مارچ جو ??شر به انهن ??ي گذريل مارچ ۽ استعيفائن جي اعلانن جهرو ٿيندو ۽ انهن کي ملڪ ۾ عدم استحڪام آڻڻ جي سازش ۾ بري طرح ناڪامي ٿيندي. هن چيو ته مخالف ڌر پنهنجي حرڪتن جي ڪري پنهنجو وقار وڃايو ۽ ساک کي برابر ڪري چڪي آهي، ان لاءِ انهن کي ماضي وانگر هاڻي به ناڪامي کي منهن ڏيڻو پوندو ڇو ته عوام انهنجي قول ۽ فعل جو ??ضاد ڄاڻي ٿي ۽ انهن کي خبر آهي ته ملڪ کي ان مقام تائين پهچائڻ وارا اهي ئي شريف، زرداري ۽ انهن ??ا حواري آهن ??نهن ڪري جيڪڏهن ??نهن پنهنجي دور ۾ ملڪ ۽ قوم جي بهتري جي لاءِ ڪو ڪم ڪيو ۽ ذاتي ٽجوڙيون ڀرڻ بدران گڏيل قومي، ملڪي ۽ عوامي مفاد کي مٿانهون رکيو هجي ها ته اڄ ملڪ جي اها حالت نه هجي ??ا جيڪا هاڻي آهي پر پوءِ به ح??ومت عوام جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ايندڙ مهينن ۾ جيئن ئي عالمي سطح تي قيمتون هيٺ اينديون اسان به قيمتن ۾ گهٽتائي ڪنداسين. هن چيو ته ح??ومت کي انتهائي طاقتور مافياز آڏو آهي جن جي خلاف جيئن ڪا ڪارروائي ٿئي ٿي اهي فوري منع نامن جي پٺيان لڪي وڃن ٿا جڏهن ??ه شگر مافيا جو ??ه اهو ئي حال آهي پر حڪومت ان جي ٽوڙ جي لاءِ ضرورت موجب کنڊ درآمد ڪري ورتي آهي جيڪا مارڪيٽ ۾ 90 رپيا ڪلو جي حساب سان دستياب آهي جنهن ??ان گڏوگڏ آبادگارن جي محنت ۽ حڪومتي قدمن جي ڪري هن ڀيري ڪمند جي پڻ 25 سيڪڙو اضافي پيداوار ٿي آهي ۽ پنجاب جون شگر ملون 15 نومبر کان ڪمند جي ڪريشنگ سيز شروع ڪرڻ وڃي رهيون آهن ??نهن ??ان تازي کنڊ مارڪيٽ ۾ ايندي ۽ کنڊ جون قيمتون به گهٽ ٿينديون ۽ جيئن ته ح??ومت ڪمند جي آبادگارن کي اضافي رقم فراهم ڪري رهي آهي ان لاءِ اهي اڳتي ان کان به بهتر فصل پوکيندا. فرخ حبيب چيو ته مهانگائي جو وڏو سبب اهو آهي ته اسان پيٽرول، کنڊ، داليون، کاڄرو تيل وغيره ٻاهران درآمد ڪري رهيا آهيون ان لاءِ عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت 40 ڊالر في بيرل مان وڌي 85 ڊالر في بيرل، کاڄرو تيل 1200 مان وڌي 1500 ڊالر في ٽن، ڪنٽينر ٽرانسپورٽيشن چارجز 2000 ڊالر مان وڌي 10 هزار ڊالر ۽ ٽرانسپورٽيشن جو وقت هڪ مهيني مان وڌي 3 مهينن تائين ٿي ويو آهي تنهن ڪري سپلائي چين متاثر ٿيڻ سان به مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي پر انشاءَ الله جلد اها صورتحال بهتر ٿي ويندي. هن چيو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ يا اٽي جي ڪا کوٽ نه آهي ۽ پنجاب ۾ 20 ڪلوگرام وزني اٽي جو ٿيلهو 1100 رپين ۾ دستياب آهي جڏهن ??ه سنڌ ۾ انهي اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1500 رپيا آهي، ان لاءِ بلاول زرداري پنجاب تي تنقيد بدران اڳ م سنڌ تي ڌيان ڏي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته سنڌ مسائلستان بڻجي چڪو آهي پر اتان جي سائين سرڪار ڊگهي ننڊ ستل آهي ۽ عوام کي ٽينڪر سميت بين مافياز جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي تنهن ڪري اڳ ۾ اهي پنهنجي گهر جي خبر وٺن پوءِ ڪنهن ٻئي جي ڳالهه ڪن. هن چيو ته پي ڊي ايم جو ??ريقو به عجيب آهي ته هڪ طرف پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ هڪ ٻئي جي خلاف اليڪشن وڙهي رهيون آهن، ٻئي طرف هڪ ٻئي هڪ ٻئي گل به مليل آهن ??ن لاءِ اهو تضاد عوام کي بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهي. هن چيو ته ح??ومتي قدمن سان پاڪستان ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خوراڪ ۽ زراعت ۾ سرپلس ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ اسان جون اهم فصلون ڪپهه، ڪمند، مڪئي، چانور وغيره جي پيداوار ۾ زبردست اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته هن ??ال اسان جي آبادگارن کي مجموعي طور تي 1100 ارب رپيا اضافي مليا آهن ??نهن ??ان آبادگار خوشحال ٿيا آهن. هن چيو ته ح??ومت 1 ڪروڙ 20 لک خاندانن جي لاءِ 120 ارب رپين جي فوڊ سبسڊي جو ??علان ڪيو آهي جڏهن ??ه انگ کي هاني 2 ڪروڙ خاندانن تائين وڌايو پيو وڃي. هن چيو ته اسان جي ملڪي آبادي ساليانو اڍائي سيڪڙو جي حساب 50 لک ماڻهن ??ائين وڌي رهي آهي جنهن ??ان ملڪي غذائي ضرورتن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي ان لاءِ حڪومت فوڊ سيڪيورٽي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي جڏهن ??ه وزيراعظم جو 300 ارب رپين جو ??رعي ايمرجنسي پروگرام پڻ انهن ??ي قدمن جي هڪ ڪڙي آهي جنهن ??و مقصد جديد پيداواري ٽيڪنالاجي ۽ مشيني پوکيءَ کي فروغ ڏئي بمپر ڪراپس حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. فرخ حبيب چيو ته مڱ دال 250 رپيا مان 160 رپيا ڪلو ڪري ڇڏي آهي اهڙي طرح ٻين جنسن، ڀاڄين ۽ ميون جون قيمتون به گهٽ ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته مخالف ڌر کي گهرجي ته اها عوام کي تڪليف بدران ريليف ڏيڻ ۾ حڪومت سان تعاون ڪري ۽ پنهنجي ساک بچائڻ جي لاءِ افراتفري پکيڙڻ کان پاسو ڪري.