اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي هڪ خودمختيار، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي ??ور ڏنو آهي ته هو افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪري جڏهن ته وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته افغانستان بابت ڪيل ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو وڃي. قومي سلامتي ڪميٽ?? جو 34 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن، سمورن سروسز چيفس ۽ انٽيليجنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي علائقائي سلامتي ??ي صورتحال خاص طور تي ??فغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان جا پاڪستان تي ??مڪاني اثرن تي ??فصيلي بريفنگ ڏني وئي، قومي سلامتي ڪميٽي هڪ خودمختيار پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪميٽي جي شرڪت ڪندڙن افغانستان ۾ خراب انساني صورتحال تي ڳڻت?? جو اظهار ڪندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪري، اجلاس جي دوران افغانستان جي عبوري حڪومت سان تعميري، سياسي ۽ اقتصادي ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان عالمي رابطن جي اهميت تي ??وشني وڌي وئي. وزيراعظم عمران خان افغانستان مان عالمي انخلا جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي تعاون تي ??طمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پوري دنيا پاڪستان جي ان مثبت تعاون جو اعتراف ڪيو آهي. ڪميٽي جي ميمبرن خطي جي بدلجندڙ صورتحال کي انتهائي پيچيده قرار ڏيندي چيو ته افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جي عدم استحڪام جا پاڪستان تي ??ه شديد اثر پئجي سگهن ٿا. ان نقط?? نظر سان اتفاق ڪندي وزيراعظم ان ڏس ۾ جامع پاليسي ڪوششن جي ضرورت تي ??ور ڏنو، هن هدايت ڪئي ته انساني امداد جي فراهمي ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن قسم جي منفي اثرن کي روڪڻ ۽ موثر بارڊر مينيجمينٽ لاءِ هڪ مخصوص سيل بڻايو وڃي ته جيئن افغانستان ۾ مختلف ڪوششن کي هم آهگ ڪري سگهجي.