اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صوبائي حڪومتن تي زور ڏن?? آهي ته هو بلدياتي حڪومتن بابت پنهنجي ذميداري پوري ڪن، بلدياتي نظام سان جمهوريت مستحڪم ٿيندي آهي جڏهن ته اسلامي اصولن تحت عوام جي هيٺين سطح تي ڀلائي ۽ ترقي ۾ مدد ملندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي حڪومتن بابت قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان ڪانفرنس جي دوران مقامي حڪومتن بابت اتفاق راءِ سان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، آئين پاڪستان ۾ به ڪيترائي ڀيرا مقامي حڪومتن جو ذڪر ڪيوو ي?? آهي، هن چيو ته رياست موثر بلدياتي نظام جي ذميدار آهي ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا، تنهن هوندي به اهو صوبائي معامل?? آهي ۽ صوبن کي بلدياتي نظام جي جوڙجڪ جي حوالي سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اختيارن جي روهاست جمهوريت جو حسن آهي، جمهوريي حڪومت ۾ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا ويندا آهن، آمريت جي دو?? ۾ ??لدياتي نظام ت?? وڌيڪ ڀاڙيو ويند?? آهي. هن چيو ته دنيا جون پراڻيون تهذيبون دريائن جي ڀرپاسي موجود هيون، سنڌو درياءُ جي تهذيب ۾ بلدياتي نظام جا آ??ار نظر اچن ٿا ڇو ته ان دو?? ۾ ??يوريج ۽ پاڻي جو مناسب انتظام هو، هن چيو ته بلدياتي نظام بابت ماضي ۾ ڪجهه خاميون هيون تنهن هوندي به ان حوالي سان آئين ۽ قانون ۾ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته دنيا ۾ هر ملڪ جي جمهوريت ٻين کان مختلف هوندي آهي، اهڙي طرح ڪو بلدياتي نظام به هڪ جهڙو ناهي هوندو، هن چيو ته مقامي سطح تي پاڻ ۾ جهيڙو جرڳي ۽ پنچائت جي ذريعي حل ڪيا ويندا هئا، هن چيو ته بلدياتي نظام بابت ڪانفرنس ۾ ڏنل مشورن کي سياسي حمايت حاصل آهي، اسان کي ماضي جي غلطين ۽ ٻين جي چڱاين مان سکڻ گهرجي، اسان کي منصوبابندي ۽ پرعزم ٿي ڪري پنهنجي سوچ تي عمل ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اسلامي تاريخ ?? حضور اڪرم ﷺ جن خلفاءِ راشدين ۽ اعليٰ عملدارن کي جيڪي ذميداريون ڏنيون ان مان هڪ ذميداري عوامي خدمت هئي، ان جو ماڻهن سان رابطو رکڻ ضروري هو، هن چيو ته ڪنهن به عهدي تي ذميدار جو زندگي جو معيار اتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جي موجب هجڻ گهرجي ته جيئن ان ۾ ماڻهن جو احساس پيدا ٿي سگهي، گهر جو دروازو سدائين کليل رکيو، ماڻهن سان رابطو رکو ۽ انهن جي خدمت ڪريو، انهن جي پريشانين جو احساس ڪرڻ سياسي عزم آهي، سمورين سياسي پارٽين ۾ اهو جذبو هوند?? آهي، هن چيو ته بلدياتي نظام ۾ اختيارن کي منتقل ڪيو ويند?? آهي، وسيلن جي ورهاست ڪئي ويندي آهي، طاقت ۽ اختيارن ۾ گهٽتائي آندي ويندي آهي، انتظاميه جا اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا ويندا آهن، انتظامي خدمتن کي ورهايو ويند?? آهي ته جيئن مقامي ماڻهن کي نوڪريون ملي سگهن. صدر چيو ته اختيارن جي ورڇ جو مقصد اه?? آهي ته نه ئي ڪنهن جي اجاره داري قائم ٿئي ۽ نه ئي انارڪي پيدا ٿئي، ان موقعي تي صدر شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس به ورهايا.