اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇاتيءَ جي ڪينسر، ان جي جلد تشخيص ۽ علاج ب??بت عورتن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مرض ب??بت مڪمل آگاهي ۽ وقت سر علاج سان قيمتي انساني جانيون بچائي سگهجن ٿيون. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ بريسٽ ڪينسر ب??بت آگاهي مهم ب??بت اجلاس جي وڊيو لن?? ذريعي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صحت وارن صوبائي وزيرن، پاڪستان ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائندي، ب??وچستان ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽرين ۽ پمز ۽ شفا انٽرنيشنل اسپتال جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته تعليم ۽ آگاهي جي گهٽتائي جي ڪري پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري موت جي شرح اٽڪل 50 سيڪڙو آهي جيڪا ڪافي ڳڻتي جوڳي آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عورتون ڊاڪٽرن کي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان عورت ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ باقاعده سيشن منعقد ڪرڻ گهرجن ته جيئن ان مرض ب??بت آگاهي پيدا ٿئي. هن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز ب??بت ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي لاءِ مرڪزي ۽ صوبائي سطح تي رجسٽري قائم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن حڪومت بيماري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مناسب قدم کڻي سگهي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ملڪ جي عورتن کي غذائيت جي کوٽ سميت صحت جا ڪيترائي مسئلا درپيش آهن جن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرن جي ضرورت آهي. گذريل سال آڪٽوبر ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر ب??بت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيندي صدر اميد ظاهر ڪئي ته هن سال به ميڊيا اهڙي طرح جو فعال ڪردار ادا ڪندي ته جيئن ماڻهن کي ان بيماري ب??بت مڪمل طور تي آگاهه ڪري سگهجي. صوبائي حڪومتن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد تشخيص ۽ علاج جي لاءِ پنهنجي صوبن ۾ دستياب سهولتن ب??بت صدر کي آگاهه ڪيو. اجلاس ملڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ صحت ۽ نگهداشت جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون.