اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙين بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ خاص طو?? تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي. هن چيو ته سيڪيورٽي ادارن امن امان جي بحالي ??اء?? اڻٿڪ قربانيون ڏنيون آهن، انهن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزي?? ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي پونئيرن سان همدردي جو ??ظه??ر ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ??اء?? دعا ڪئي.