اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڌرتي تي رهندڙ هر انسان کي ماحول ??وستي جو فرض ادا ڪرڻو پوندو، وقت جي پڪار آهي ته انسانيت عالمي اتحاد بڻائي ماحول ??و تحفظ ڪري، وڌندڙ عالمي گرمي پد، ٻيلن جي گهٽتائي، گليشيئرز جو پگهرجڻ وڏا خطرا آهن، عمران خان پهريون ماحول ??وست وزيراعظم آهي ۽ عالمگير تحريڪ هلائي رهيو آهي، وزيراعظم جي ماحول کي بهتر بڻائڻ، وڻ لڳائڻ جي ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان نوجوانن ۽ دنيا ک?? احساس ڏياري رهيو آهي ته ماحول ??هتر بڻائڻ ڪيترو ضروي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو وڻڪاري ۽ ماحول ??وستي کي پاليسي سطح تي ايت??ي ڌيان ?? محنت سان فروغ ڏنو پيو وڃي، اهو سلسلو جاري رهيو ته پاڪستان ۾ ماحولياتي شعبي ۾ نمايان نتيجا نظر ايندا، هن چيو ته هن سال ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو شرف پاڪستان کي ملڻ دراصل پاڪستان جي ماحول ??وست قدمن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي.