ملتان – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي سوا ارب مسلمانن کي نبي ﷺ جي شان ۾ اظهار جي آزادي جي نالي تي ٿيندڙ گ??تاخي سان تڪليف پهچي ٿي، سمورن مسلمان ملڪن کي گڏائي اولهه کي اهو باور ڪرائينداسين ۽ پوءِ ??ه اهي باز نه آيا ته انهن جو واپاري بائيڪاٽ ڪري سگهون ٿا، پوءِ ??ن جو اثر به ٿيندو، ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام جي ??رو??ات ٿي وئي آهي، ڏکڻ پنجاب صوبو ضرور ٺهندو ۽ ان جي لاءِ ??ئيني ترميم آڻينداسين، پنجاب جا ماڻهو عثمان بوزدار جي 5 سالا ڪارڪردگي کي ياد رکندا. هو ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۽ ملتان جي لاءِ 30 ارب رپين جي خصو??ي ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.