اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پ?? پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ افغانستا?? جي سفير نجيب الله علي خيل ملاقات ڪئي ڪنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، واپار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستا?? جي عوام اخوت، ثقافت ۽ تاريخ ج?? لازوال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. پاڪستان افغانستان ۾ ام?? جي قيام لاءِ افغان حڪومت ۽ عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، مستحڪم ۽ مضبوط افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي، اسد قيصر چيو ته پاڪستا?? جي موجوده حڪومت افغانستان سان وسيع النبياد واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. پاڪستا?? جي خواهش آهي ته سي پ??ڪ منصوبي مان افغانستان فائدو حاصل ڪري، سي پ??ڪ منصوبو خطي ۾ معاشي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ گيم چينجر منصوبو ثابت ٿيندو. جاگرافيائي اعتبار سان افغانستان وچ ايشيا جي لاءِ گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪ افعان واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ قومي اسيمبلي پاڪ – افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي جوڙيل سفارشن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، افغان شاگردن ۽ مريض?? جي لاءِ ويزه پاليسي ۾ نرمي سان افغان عوام پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهندي، افغان واپارين لاءِ ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو.