اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽر اورنگزيب خان اورڪزئي پارٽي جو اثاثو آهي، وزيراعظم عمران خ??ن جي فيصلي کي فراخدلي ۽ جذبي سان قبول ڪندي اورنگزيب خان سينيٽ ۾ پارٽي ٽڪيٽ تان دستبردار ٿي ويو آهي، سندس خدمتن مان پارٽي آئنده به فائدو حاصل ڪندي. هو سينيٽر اورنگزيب خ??ن جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي سينيٽر اورنگزيب خ??ن جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو ان م??قعي تي سينيٽر سجاد حسين، سينيٽر مرزا آفريد??، نصيب الله بازئي به ساڻس گڏ هئا، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سينيٽر اورنگزيب خ??ن جو تعلق اڳوڻي فاٽا سان آهي، هن جنهن جذبي ۽ فراخدلي سان وزيراعظم عمران خ??ن جو فيصلو مڃيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي، اسان سن??س ٿورو ادا ڪرڻ آيا آهيون، هو آئينده به اسان سان گڏ رهندو. هن چيو ته سينيٽر اورنگزيب خ??ن جي پارٽي جي لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون آهن ۽ اڄ به هو انهي طرح جي خدمتن سان ڀرپور آهي جهڙي طرح پهرين پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ جو موقف پيش ڪندو رهيو آهي.