اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گورننس ايڪشن ميٽرڪس جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي انتظامي معاملن جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته عو??م جي رليف، شڪايتن جي داخلا کان وٺي حل، کليل ڪچهرين منعقد ڪرڻ، مال کاتي بابت مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل، ون ونڊو آپريشن جو قيام، سرڪاري آفيسن ۾ عو??م جي سهولتڪاري ۽ مقامي سطح تي عو??م کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدمن جو عملي طور تي نفاذ ٿي چڪو آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پ??جا?? ۾ گورننس جي بهتري کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڏي پئماني تي قدمن تي عملدرآمد جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ان ۾ تيزي آندي پئي وڃي، وزيراعظم کي خيبرپختونخوا ۾ به شڪايتن جي ??قت سر ازالي، ضم ٿيل ضلعن جي انتظاميه سان ڪوآرڊينيشن، روزمره جي استعمال جي شين جي ??يمتن جي ڪڙي نگراني ۽ ان جي ??تيجي ۾ صوبي ۾ اٽي جي ??يمت ۾ واضح گهٽتائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.