اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترق??، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چي?? آهي ته عوام جي رويي مان نه ٿو لڳي ته انهن کي ڪنهن ڳالهه جي فڪر آهي، ڪورونا جي ٻي لهر انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. اسلام آباد ۾ خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ هن پاڪستان ۾ وبائي مرض ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال ۽ مستقبل ۾ درپيش خطري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اسد عمر چيو ته حڪومت جي لاءِ اسڪولز بند ڪرڻ جو فيصلو آسان نه هو. 11 جن??ري 2021ع کان حال??ون ڏسي اسڪولز کولڻ جو امڪان آهي.