لاهور – 16 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪو??ونا جي وڌندڙ ڪيسز جي ڏس ۾ عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏنو آهي ته ان وبا کان بچاءُ جي لاءِ ضابطي ڪار تي عملدرآمد يقيني بڻائي، حضور اڪرم صه جو اسوه حسنه ۽ سيرت طيبه اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، وزيراعظم عمران خان ملڪ کي م??يني جي رياست بڻائڻ جو خواهشمن?? آهي، اسان کي گڏجي ان جو ساٿ ڏيڻو پوندو، ناموس رسالت صه تي آنچ ڪنهن به صورت ۾ برداشت ??ه ٿا ڪري سگهون، اولهه ملڪن کي ناموس رسالت صه جي م??املي تي پنهنجي جذبن کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رحمت اللعال??ين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.