اسلا?? آباد – 13 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين ??ي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. جمعي ڏينهن اين ??ي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 304 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 37 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن م??ن 32 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 923 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن م??ن سنڌ ۾ 12 هزار 599، پنجاب ۾ 12 هزار 38، خيبرپ??تو??خوا ۾ 3 هزار 487، اسلا?? آباد ۾ 7 هزار 187 ، بلوچستان ۾ 746 ، گلگت بلتستان ۾ 329، آزاد ڪشمير ۾ 537 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين ??ڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 21 هزار 563 ٿي چڪو آهي، بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 859 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 195 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ??يڪ??و ڪيسن جو تعداد 23 هزار 641 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 52 هزار 296 آهي.