اسلام آبا?? – 19 جولاءِ (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ڪور??نا کي منهن ڏيڻ ۾ اين سي او سي ۽ احساس پروگرام کي ڪاميابي جا ٻه موثر هٿيار قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان محدود وسيلن ۽ صحت جي ڪمزور نظام جي باوجود جنهن عزم ۽ ثابت قدمي سان ڪور??نا جو مقابلو ڪيو اهو سندس بهترين قائداڻي صلاحيتن جو واضح ثبوت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان عوام جي جان ۽ روزگار بچائڻ جي متوازن پاليسي اختيار ڪئي آهي.