ڪراچي – 08 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي نائب صدر ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي سانوڻي جون برساتون رحمت هونديون هيون پر سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن جي ??ري اهي رحمت واريون برساتون زحمت بڻجي ويون آهن. هڪ ڪلاڪ جي برسات ڪراچي ۾ انتظاميه جي پت وائکي ??ري ڇڏي آهي. برسات سبب 6 حياتيون ضايع ٿيون آهن. اهڙو اظهار هن حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻ سربراهه بيت المال سنڌ حنيد لاکاڻي، آغا ارسلان، سمير مير شيخ، ڄام فاروق احمد ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ گڏ هئا. حليم عادل شيخ چيو ته ڪراچي ۾ گٽر صاف ڪرڻ لاءِ پئسا به ورلڊ بئنڪ طرفان ڏنا ويا، گٽر وهي رهيا آهن ??وب?? صفائي جو عمل ناهي ٿيو. ڪي اليڪٽرڪ قاتل اليڪٽرڪ بڻجي چڪي آهي اسان جا ايم پي ايز ڪي اليڪٽرڪ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن. 2009 ع ۾ زرداري ڪي اليڪٽرڪ جو ٺيڪو ابراج گروپ کي ڏنو جيڪو 2023 ع تائين مهاعدو ٿيل آهي. جنهن جي ??ري ڪراچي جو عوام اڄ تائين ڀوڳي رهيو آهي. ڪي اليڪٽرڪ کي مهاعدي مطابق انفرا اسٽرڪچر تي ٻه ارب ڊالر خرچ ڪرڻا هئا پر هڪ روپيو به خرچ نه ڪيو ويو آهي. ابتو ٽامي جون تارون به وڪرو ??ري هڙپ ??ري ويا آهن. ٽٽل تارن جي ??ري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي ڀڄڻ نه ڏينداسين جيڪي به فوت ٿيا آهن سڀني جون ايف آئي آر ڪي اليڪٽرڪ جي مالڪن خلاف داخل ڪرائينداسين. گذريل سال به نيپرا ڪراچي ۾ فوت ٿيلن جو ذميوار ڪي اليڪٽرڪ کي ڄاڻايو هو. هن چيو ته مرتضيٰ وهاب جو معصوم چهرو آهي کيس پنو لکي ڏنو وڃي ٿو ۽ اهو ميڊيا اڳيان پڙهي ٻڌائي ٿو. اصل ملزم ماڻهو کي ڇو سامهون نٿو آندو وڃ??. ه?? الزام هڻندي چيو ته ڪراچي ۾ قتل و غارت ۾ پيپلزپارٽي جو وڏو هٿ آه??. ه?? چيو ته اصل جي آئي ٽي علي زيدي واري آهي پ پ وارن جي آئي ٽي مٽائي ڇڏي آهي. علي زيدي وار?? جي آئي ٽي ۾ پوليس آفيسرن صحيحون نه ڪيون. پوليس نئين قانون موجب پوليس سنڌ حڪومت جي زير دست آه??. ه?? چيو ته لياري ۾ وڃي ماڻهن کا پڇيو وڃي ته عذير بلوچ ڪنهن جو ماڻهو هو. فريال ٽالپر ۽ اڳوڻو وزير اعليٰ عذير بلوچ جي دعوتن ۾ شرڪت ڪندا هئا. پ پ جون ٽيڪٽون عذير بلوچ جي چوڻ تي ڏنيون وينديون هيون. پيپلزپارٽ?? جي چوڻ تي گينگ واري جوڙي ويئي هئي. سڀني کي سامهون آندو وڃي قاتلن کي سزائون ڏنيون وڃن. بلديه فيڪٽري سانحي ۾ 250 مزدرون کي ڀتو نه ڏيڻ جي آڙ ۾ جيئرو ساڙيو ويو ان وقت جي ايم ڪيو ايم لنڊن ملوث هئي. پيپلزپارٽي به ساٿ ڏنو ڪيس غلط داخل ڪيو ويو ڇا ان غلط ڪيس داخل ڪندڙن خلاف ڪا ڪارروائي ٿي؟؟ بلديه فيڪٽري سانح?? جي جي آئي ٽي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ٽن مهينن اندر ريسڪيو ادارو کوليو وڃي پر اڃا تائين سنڌ ۾ ??وب?? ريسڪيو ادارو ناهي فعال ٿيو. عذير بلوچ رپورٽ ۾ چيو آهي ته مرضي سان آفيسرن کي لڳرائيندو هو. اهي ڪير هئا جيڪي آفيسرن جون بدليون ڪرائيندا هئا انهن کي ڇو سامهون نه آندو ويو، عذير بلوچ جن پلاٽن تي قبضا ڪرايا ڇا اهي پلاٽ شهرين کي واپس ڪرايا ويا ؟. ظالم ماڻهو هن دنيا ۾ به حساب ڏيندا آخرت ۾ حساب ڏيندا. هن چيو ته اسان ووٽ جي ذريعي ڪراچي جو امن بحال ڪرائي ڪراچي کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرايو آهي. عارف علوي، عمران اسماعيل هنن جي دور ۾ بندوق جي سائي هيٺ ڪم ڪيو هو. پيپلزپارٽي جو نعرو روٽي ڪپڙا مڪان نه پر ڪرپشن، قتل، ڀته بڻيل آهي عوام پ پ پ جو اصل چهرو ڏسي چڪي آهي . جي آئي ٽي رپورٽ ۾ جن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي ويئي انهن خلاف به ايف آئي آرز ڪاٽيون وڃن. حنيد لاکاڻي چيو ته ڪراچ?? جي عوام پي ٽي آئي کي مينڊيٽ ڏنو آهي جنهن جي سزا پ پ جي حڪومت عوام کي ڏيئي رهي آهي. ڪرپٽ ظالمن هر ڪم تي ڪرپشن ??ري پئسو جوڙيو آهي. انهي ماڻهن ڪراچي ۾ قتل و غارت ڪرائي ڀتو ورتو شهرين کي اغوا ڪيو ويندو هو انهن ماڻهن جي پشت پناهي به اهي حڪمرانن ڪندا هئا. شهر ۾ بلڊنگون ??ري رهيون آهن . ايس بي سي اي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. تحريڪ انصاف عوام جو آواز بڻجي رهي آه?? جيستائين چورن کي سزائون نه ملنديون اهو عمل جاري ساري رهندو. ڪي اليڪٽرڪ ڪراچ?? جي عوام سان ظلم ڪيا آهن انهن خلاف به وڏو ا??ڪش?? ٿيڻ وارو آهي.