اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خواجه آصف جي تقرير ڪورونا و??ئر?? جي وبا جي ڪري خطي ۽ عالمي سطح تي درپيش حالتن کان مڪمل لاعلمي جو ثبوت آهي، سندس بيان تضادن۔سان ڀرپور ۽ حقيقت?? کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش آهي، مخالف ڌر پنهنجي سياست جي لاءِ عوام جي زندگين سان ن?? کيڏي، سياسي جادوگر پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪري عوام کي گمراهه نٿا ڪري سگهن، ماضي جي حڪومتن ملڪ جي ادار?? کي تباهه ڪري ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عمران خان ملڪ جو رخ درست ڪري خوشحالي ۽ ترقي جي راهه تي آندو آهي، پاڪستان جي عوام باشعور آهي، ملڪي مفادن تي ذاتي مفاد?? کي ترجيح ڏيندڙ عوام کي وڌيڪ بيوقوف نٿا بڻائي سگهن، ماضي جي حڪومتن ذاتي مفادن ۽ فائدن جي لاء?? ادار?? کي مفلوج ڪيو، پنهنجي منشور تحت اسان ادارن ۾ سڌارا آڻي سروس ڊليوري بهتر بڻائي رهيا آهيون.