اس??ام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ اتحادي پارٽ??ن جي پارلياماني پارٽي وزيراعظم عمران ??ان ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت جا تاريخي سڌارا ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا. وزيراعظم عمران ??ان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽ??ن جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ هڪ قرارداد جي متفقطه طور تي منظوري ڏني وئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اسان حڪومت جي سموري اتحادي پارٽين، موجوده حڪومت ۽ وزيراعظم عمران ??ان تي مڪمل اعتماد ڪريون ٿا ۽ ڳالهه کي ورجايون ٿا ته موجوده حڪومت جا تاريخي سڌارا ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا، اسان متقفه طور تي وزيراعظم ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪريون ٿا، اسان پارليامينٽ کي جمهوري قدرن موجب بدستور فعال رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.