اسلام آباد -19 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق 19 آگسٽ 2014ع تي پا??ليامينٽ جو گهيراءُ ڪرڻ کي جمهوريت خلاف هڪ سازش قرارڏيندي چيو آهي، ته ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پا??ليامينٽ جي عزت ۽ توقير ۽ حفاظت اسان سڀني تي لازم آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پا??ليامينٽ تي حملي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 19 آگسٽ 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ ۾ ڪاري ڏهاڙي طور ياد رکيو ويندو. 10 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن پا??ليامينٽ هائوس جو گهيراءُ ۽ ان تي حملو ڪيو ويو. اها جمهوريت خلاف سازش هئي، ان حملي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. اسپيڪر چيو ته پا??ليامينٽ ملڪ جو اعليٰ ترين ادارو، جمهوريت جو بنياد ۽ عوامي خواهشن جو ترجمان آهي. ملڪ جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي پا??ليامينٽ جي مضبوطي سان جڙيل آهي. هن چيو ته پا??ليامينٽ جي عزت، توقير ۽ حفاظت اسان سڀني تي لازم آهي. هن چيو ته 19 آگسٽ 2014ع تي ڏڦيڙ پکيڙيندڙ عنصرن پا??ليامينٽ تي حملو ڪري ان جو تقدس پا??مال ??يو?? ڪنهن کي به اهڙن قدمن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، اهو حملو نه رڳو جمهوريت پر رياست جي بنيادي ٿنڀن تي حملو هو. اسپيڪر ان وقت جي حڪومت ۽ پا??ليامينٽ جي دفاع لاءِ آواز اٿاريندڙ سياسي پا??ٽين جي ڪردار کي به ساراهيو ۽ چيو ته 2014ع جي پرتشدد مظاهرن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ کي نقصان پهچايو ۽ ان سبب چين جي صدر کي پنهنجو طئي ٿيل دورو ملتوي ڪرڻو پيو. سردار اياز صادق چيو ته ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ جو واحد رستو جمهوريت ۽ پا??ليامينٽ سان لاڳاپيل آهي. هن چيو ته پا??ليامينٽ ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جي هميشه ڪوشش ڪندو رهندس، عوام جي ڀلائي پهرين ترجيح آهي ۽ پا??ليامينٽ اهو فرض اد?? ڪرڻ لاءِپرعزم آهي.