اسلام ??باد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه ۾ اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو اسرائيل کي بيگناهه فلسطينين جي ق??لام کان روڪي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم غزه جي الاهلي اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ش??ري مارجي ويا. هن چيو ته اسپتالن کي نشانو بڻائڻ غيرانساني فعل آهي. عالمي انساني ق??نون اسپتالن ۽ طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪري ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ان بنا فرق جي ق??لام ??ي خاتمي جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته اها تشدد کي روڪڻ جي لاءِ تيزي سا?? ڪم ڪري ۽ ذميوارن جو احتساب ڪري. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سا?? پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري اسرائيل کي چوي ته هو بيگناهه فلسطينين جو قتلام ??ند ڪري.