اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ت?? جيل ۾ ويٺل شخص کان سفارتي محاذ تي ملندڙ ڪاميابيون ۽ ملڪي ترقي هضم نه ٿي رهيون آهن، مخصوص پروپئگنڊه تحت ملڪ کي 71ع وارين حالتن سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، انهن جا ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، انشاءَ الله پاڪستان سدائين رهندو، ترقي ڪندو، اڳتي وڌندو ۽ پنهنجو مقام ٺاهيندو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي سفارتي محاذ تي ڪاميابيون ملي رهيون آهن جنهن تي الله تعاليٰ جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم گذريل ٻن ڏينهن ۾ ناروي ۽ آئرلينڊ جي وزيراعظمن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ناروي ۽ آئرلينڊ وچ اوڀر جي صورتحال تي پنهنجو مضبوط موقف اختيار ڪندي غزه ۽ رفح ۾ جاري ظلم?? جي مذمت ڪئي ۽ جنگبندي ت?? زور ڏنو جيڪي جرئتمنداڻا قدم آهن ۽ وزيراعظم انهن سان رابطو ڪري انه?? جي موقف جي تائيد ڪئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم ٻنهي ملڪ?? جي وزيراعظمن سان ڳالهه ٻولهه دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان سدائين فلسطيني?? جي ڪاز جي لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم آئرلينڊ ۽ ناروي جي وزيراعظمن کي پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو جنهن جو تمام وڏو تاثر ويندو ته دنيا جا ڪجهه ملڪ آه?? جيڪي غزه جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته گذريل پي ڊي ايم حڪومت دوران به وزيراعظم يو اين جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ فلسطيني?? جي حق جي ڳالهه ڪئي هئي جڏهن ته ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ پڻ وزيراعظم واضح موقف اختيار ڪيو هو ته غزه ۾ امن کانسواءِ دنيا ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي جنهن تي پوري ورلڊ اڪنامڪ فورم جوهال تارين سان گونجي اٿيو هو. هن چيو ته اها پاڪستان حڪومت جي واضح پاليسي آهي ت?? اسان فلسطين ۾ امن جا خواهشمند آهيون، اسان جنگبندي چاهيون ٿا، غزه ۽ رفح ۾ ظلم بند ڪيا وڃن. هن چيو ته اسان غزه جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته پائيدار ام?? جي لاءِ حل سامهون اچي. ايس آءِ ايف سي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي امداد نه واپار گهرجي، اسان واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا. ايس آءِ ايف سي تحت ون ونڊو آپريشن جاري آهي، ايس آءِ ايف سي تحت عالمي سيڙپڪار?? جي سهولت لاءِ ۽ ڊيسڪ قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ چين، قطر، يو اي اي، سعودي عرب، يورپي يونين، آمريڪا ۽ اوڀر بعيد جا ڊيسڪ شامل آه?? جيڪي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري آڻڻ تي ڌيان ڏيندا. وفاقي وزير چيو ته گڏيل عرب امارات پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ 10 ارب ڊالر مختص ڪيا آهن، ان حوالي سان يوي اي اي جي سرڪاري نيوز ايجنسي پڻ اها خبر جاري ڪئي ت?? اها رقم مختص ڪئي وئي آهي. سعودي عرب سان 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي حوالي سان پڻ تمام گهڻي اڳڀرائي ٿي آهي، جلد معاهدن تي صحيحون ٿينديون ۽ اهي معاهدا حتمي شڪل اختيار ڪندا. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وزيراعظم چين جو دورو به ڪندو جنهن دوران سي پ??ڪ جي حوالي سان معاملن کي اڳتي وڌائڻ سميت چيني شهري?? جي سيڪيورٽي جي خدشن کي ختم ڪيو ويندو، ان دوري جي ڀرپور تياري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي وفد پڻ مثبت پريس رليز جاري ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي، اسا?? جي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي، مهانگائي ۾ گهٽٽائي ٿي آهي جيڪا 17 سيڪڙو تي آئي آهي، اها اسا?? جي تمام وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، عالمي مالياتي رسالا ۽ ادارا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري رهيا آهن ته پاڪستا?? جي معيشت بحال ٿي رهي آهي. هن چيو ته پي آءِ اي جي پرائيويٽائيزيشن تي ت??زي سان ڪم ٿي رهيو آهي، يورپ ۽ برطانيا جي لاءِ پي آءِ اي جون فلائيٽس جلد بحال ٿيڻ وڃي رهيون آهن، اهي ت??ام سٺيون ۽ مثبت خبرون آهن، اسا?? جي خوش قسمتي آهي ت?? ايتري گهٽ عرصي ۾ اهي معاملا ايتري ت??زي سان اڳتي وڌيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي ترقي جي خلاف ڪجهه ملڪ دشمن قوتون سرگرم آه?? جيڪي مخصوص پروپئگنڊه تحت ملڪ کي 71ع وارين حالتن سان ملائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، هي اهي ماڻهو آه?? جيڪي چون ٿا ته خان نه پاڪستان نه، انشاءَ الله پاڪستان سدائين قائم رهندو، پاڪستان کي ترقي ڪرڻي آهي،اڳتي وڌنو آهي ۽ پنهنجو مقام ٺاهڻو آهي. هن چيو ته باني پي ??ي آءِ پنهنجي سياسي بقاءَ کي پاڪستا?? جي سالميت سان ڳنڍيو آهي، پنهنجي ننڍن ننڍن مفاد?? جي خاطر پاڪستا?? جي مفادن کي داءُ تي لڳايو، هن آءِ ايم ايف کي خط لکيو ۽ چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان معاهدو نه ڪري، بار بار پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته هو اقتدار ۾ نه آهي ت?? ملڪ ڊيفالٽ ٿي وڃي، سندس چوڻ تي ائين نه ٿيندو، آءِ ايم ايف جي ڊيل کي سبوتاز ڪرڻ، آءِ ايم ايف جي ٻاهر مظاهرا ڪرائڻ، پاڪستا?? جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ان جون ڪوششون ۽ ارادا سڀني جي سامهون آهن، هن سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ عوام آڏو سائفر لهرايو ۽ ملڪ دشمن قوتن کي فائدو پهچايو، پوري دنيا ۾ پاڪستا?? جي کل ٿي، اسا?? جي دشمنن ان تي آرٽيڪل لکيا ۽ پروگرام ڪيا. هن چيو ته باني پي ??ي آءِ جي آڊيو موجود آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ت?? اسان کي سائفر سان کيڏڻو آهي، ڇا قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي کيڏڻ جي لاءِ هوندي آهي؟ هن چيو ته باني پي ??ي آءِ دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا، انهن کان ملندڙ تحفا وڪرو ڪيا ۽ هاڻي پنهنجو پاڻ کي شيخ مجيب سان ملائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هي اها ئي سوچ آهي ت?? خان نه ته پاڪستان نه. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني پي ??ي آءِ جو اقتدار جو نشانو ختم ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، اقتدار جي دوري کيس ملڪ جي خلاف ڳالهيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو 1971ع جي واقعي کي غلط رنگ ۾ پيش ڪري پنهنجي ڀيٽ شيخ مجيب سان ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ جڏهن اهي ماڻهو اقتدار ۾ آيا ته جي ڊي پي گروٿ 5.8 سيڪڙو هئي، ا?? جي پوري دور ۾ جي ڊي پي گروٿ منفي ۾ رهي. هن چيو ته هي پنهنجي دور ۾ گهڙيون ۽ مُنڊيون گڏ ڪرڻ ۾ ايترا مصروف هئا جو انهن کي معيشت ۽ دوست ملڪن سان لاڳاپ?? جي ڪا پرواهه نه هئي ۽ اڄ پنهنجو پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هي ملڪ جي بنيادن کي کوکلو ڪرڻ چاهين ٿا، انه?? جي خواهش هئي ت?? ملڪ ڊيفالٽ ٿي وڃي ۽ جڏهن ملڪ ڊيفالٽ کان بچي ويو ته انهن جا ارمان چُور چُور ٿي ??يا?? انه?? جي سدائين اها ڪوشش رهي آهي ت?? ملڪي سالميت کي داءُ تي لڳائي سياسي فائدو ورتو وڃي. هن چيو ته سياستدان ايندا ۽ ويندا رهندا پر پاڪستان کي سدائين رهڻو آهي، اسا?? جي لاءِ پاڪستا?? جي سالميت مقدم آهي. هن چيو ته ملڪ جي خلاف مهم هلائڻ جي فنڊنگ ڪٿان اچي رهي آهي ۽ ان ۾ ڪهڙيون ملڪ دشمن قوتون شامل آهن، پوري دنيا ڄاڻي ٿي. باني پي ??ي آءِ پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جي ايس پي پلس اسٽيٽس واپس وٺ?? جي ڳالهه ڪئي، هن 9 مئي ت?? فوج ۽ شهيد?? جي فيمليز تي حملا ڪرايا، شهيد?? جي مجسمن کي مسمار ڪرايو ۽ هاڻي 1971ع جو ذڪر ڪري پنهنجو پاڻ کي شيخ مجيب سان ملائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هي اهي سموريون شيون آه?? جيڪي ڪڏهن مرحوم حڪيم سعيد چئي ويو هو، ڪڏهن تاريخ پڙهو ته خبر پوندي ت?? باني پي ??ي آءِ جا اصل مقصد ڪهڙا آهن، ان جو مڪروهه ۽ گهنائنو چهرو پوري قوم ڏسي چڪي آهي. وفاقي وزير چيو ته جيل ۾ ويٺل شخص کان سفارتي محاذ تي ملندڙ ڪاميابيون، دوست ملڪن سان سيڙپڪاري، غزه ۽ رفح تي مضبوط موقف سميت ملڪي ترقي هضم نه ٿي رهي آهي ڇو ته هي پنهنجي دور ۾ اهي سڀ شيون نه ڪري سگهيا ۽ هاڻي ڪنهن ٻئي کي ڪندي ڏسي نه ٿا سگهن ۽ هاڻي پاڪستان کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪرڻ تي لهي آيا آهن، انه?? جي چوڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، انشاءَ الله پاڪستان ترقي ڪندو رهندو. هن چيو ته ملڪ معاشڊي استحڪام جي راهه تي گامزن آهي، شهباز شريف جي حڪومت ملڪي ترقي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ رياض 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ جي جانچ ۾ شامل ئي نه ٿي ت?? ان تي دٻاءُ ڪنهن ڳالهه جو آهي، شامل تفتيش هجڻ وارا ئي وعده معاف گواهه بڻجي سگهن ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم فلسطي?? جي حوالي سان عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪئي، فلسطي?? جي ڪاز جي لاءِ هر جڳهه تي آواز اٿاري رهيا آهيون. بجيٽ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ ريليف جي فراهمي وزيراعظم جي اولين ترجيح آهي، بجيٽ تي ت??صيلي بريفنگ ٿيندي. هڪ سوال تي هن چيو ته وزيراعظم جو واضح موقف آهي ت?? اسان کي امداد نه واپار ۽ سيڙپڪاري گهرجي. سعودي عرب سان آءِ ٽي، مائننگ، زراعت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي آهي، معاهدن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، ان جا تفصيل تمام جلد سامهون اچي ويندا. يو اي اي سان پڻ 10 ارب ڊالر مختص ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، تمام جلد ان کي عملي جامعو پارايو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پابندي نگران حڪومت هنئي هئي، اهو معاملو عدالت ۾ آهي.