اسلام آباد – 29 – اپريل (??ي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر، ڪمانڊر سيلڪ??ڪ بيراڪتار اوغلو کي نشان پاڪستان (ملٽري) سان نوازيو. ايوان صدر ۾ پروقار تقريب ٿي. پاڪ فوج جي سر??راهه جنرل سيد عاصم منير، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، ٽنهي هٿياربند فوج جي آفيسرن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري اعليٰ ذهانت رکندڙ آفيسر، بهترين انتظامي خوبين، بهادر ۽ پيشيواراڻي طور تي قابل آفيسر هجڻ تي نشان پاڪستان (ملٽري) جو اعزاز عطا ڪيو. اعزاز حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪ فوج جي سر??راهه جنرل سيد عاصم منير، ترڪيه هٿياربند فوج جي ڪمانڊر کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته جنرل سيلڪ??ڪ بيراڪتار اوغلو 1993ع ۾ آرمي وار ڪاليج ۽ 1997ع ?? آرمڊ فورسز ڪاليج مان ??ري??وئيشن ڪئي. هن پنهنجي شاندار فوجي ڪيريئر دوران مختلف اسٽاف ۽ ڪمانڊ عهدن تي خدمتون سر??نجام ڏنيون. سندس شاندار خدمتن ۽ ڪارنامن جي اعتراف ۾ کيس 2021ع ۾ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي ۽ آگسٽ 2023ع ۾ ترڪ لينڊ فورسز جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو.