اسلام آباد_11 فيبروري(اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مان پاڪستان جي عوام کي مبارڪ پيش ڪيان ٿو خاص طور تي ??ورتن کي جن شديد ڏکيائين با??جو?? جمهوريت جي مضبوطي لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪري پنهنجو ووٽ جو حق استعمال ڪيو،هن چيو ته ن??جو??ن پڻ تعريف جا مستحق آهن جن ووٽنگ جي عمل ۾ پر امن طريقي سان حصو ورتو. پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته شديد مالي بحران مان نڪرڻ ،ڏکيا فيصلا ڪرڻ ۽ ماضي جي رنجشن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ حقيقي مينڊيٽ ضروري هو جيڪو نظر اچي رهيو آهي.اسان کي ان جوش جذبي تي ??شن ملهائڻ گهرجي ۽ دنيا کي پاڪستان جو خوبصورت چهرو ڏيکارڻ ??هرجي، هن چيو ته شاندار مستقبل تي ??سان جو اعتماد مضبوط ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته وڏي انگ ۾ ماڻهن پنهنجي مرضي جو اظهار ڪيو آهي، شهرين کي ان عظيم منڊيٽ جو احترام ڪرڻ ??هرجي ۽ ان کي مڃڻ گهرجي. صدر عارف علوي دعوت ڏيندي چيو ته اچو سڀ گڏجي نئين سر تعيمر جو ڪم شروع ڪيو دنيا توهان جي منتظر آهي.