اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي)تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پنهنجي ڪتاب ”پاڪستاني ادب جا معمار“ جي مهورتي تقريب جي موقعي تي چيو آهي ته سنڌ جي تهذيب گهڻ رخي ??وليون رکندڙ، گهڻا مذهبي عقيدا رکندڙ ۽ گهڻ نسلي آهي ج??هن ڪيترائي مشهور اديب پيدا ڪيا ۽ علي بابا ا??هن مان هڪ هو. سنڌ جي مشهور ليکڪ علي محمد جيڪو علي بابا جي نالي سان مشهور آهي، جي زندگي ۽ ڪارنامن تي ڪتاب جي مهورت جي موقعي تي ڪتاب ”علي بابا جي شخصيت ۽ فن“ جي ليکڪ، ڪالم نگار ۽ تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته هو پاڻ ا??هن خوش نصيبن مان آهي ج??هن علي بابا کي صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڏٺو آهي. هن چيو ته س??ڌ هڪ مضبوط ثقافت ۽ تهذيب وارو صوبو آهي ۽ شيخ اياز جو ڳاڻيٽو صوبي جي عظيم جديد شاعرن ۾ ٿئي ٿو. مدد علي سنڌي چيو ته هن ڪتاب ۾ علي بابا جي شخصيت جي باري ۾ وڏو تفصيل سان لکيو آهي، علي بابا عظيم ليکڪ هجڻ باوجود پنهنجي عظمت کان بي خبر هو. هن چيو ته علي بابا جون تحريرون انساني وجود ۽ خودي جي گهرائي کي ظاهر ڪن ٿيون، علي بابا جي ڪمن جي باري ۾ وفاقي وزير چيو ته هن ناول موئن جو دڙو ۽ ڊرامي دنگي منجهه درياءَ ??هڙ?? شاندار ڪم ڪيا. علي بابا جي فن کي لازوال قرار ڏيندي مدد علي سنڌي اميد ظاهر ڪئي ته سندس تحريرن جو اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويندو.