اسلام آباد- 18 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته عربي ??ولي مسلمانن جو عظيم اثاثو آهي، عربي ??ولي جي خدمت به عبادت آهي، ترقي جو واحد حل تعليم کي ترجيح ڏيڻ ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اسلامي يونيورسٽي جي انتظام هيٺ ”عربي ??ولي کي ??ٿي وٺائڻ ۾ ادارن ۽ ماڻهن جو ڪردار“ جي موضوع ت?? ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عربي ??صالحت واري ٻولي آهي جيڪو وهندڙ درياءُ آهي جنهن جي رو??ني هر گذرندي ڏينهن سان وڌي رهي آهي. هن چيو ته عربي کي ??ٿي وٺائڻ ۾ عالمي اسلامي يونيورسٽي جو ڪردار مثالي آهي جتي مصر، سوڊان، سعودي عرب سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا استاد بهترين ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عالمي اسلامي يونيورسٽي جهڙن ادارن کي معاشري ۾ وڌائڻو پوندو ۽ جامع طرز تعليم جي باقي يونيورسٽيون به اپنائين. ڪانفرنس کي يمن ??ي سفير محمد مطهر العشبي خطاب ڪندي چيو ته عربي ??رآن پاڪ جي ٻولي آهي، اسان نماز به عربي ۾ پڙهندا آهيون، عربي کي ??ٿي وٺائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.