اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي خصوصي ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ صحت واري وزارت اهم ڪردار ??دا ڪري سگهي ٿي، فني تربيت ڏئي خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائي سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??يوان صدر ۾ ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ مراڪش ٽريٽي تي صحيحن واري تق??يب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن شهرين تي زور ڏنو ته اهي ڏسڻ کان محروم ماڻهن سميت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ??دا ڪن ۽ ان سلسلي ۾ معاشري ۾ پنهنجون مثبت ذميواريون پوريون ڪن. صدر چي?? ته نادرا ۽ انساني حقن واري وزارت خصوصي ماڻهن کي بهترين خدمتون فراهم ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ معاهدا ڪيترائي دروازا کوليندو. خواهش آهي ته ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ سهولت سدائين رهي. صدر چي?? ته مراڪش سان معاهدو اسان جي لاءِ خوشي جو سبب آهي. صدر چي?? ته ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ خصوصي چشمو ٺاهيو ويو آهي. چشمو نابين ماڻهن جي لاءِ ٽيڪسٽ پڙهي سگهي ٿو ۽ ماڻهو کي سڃاڻي سگهي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته خصوصي ماڻهن کي تعليم ڏيندڙ استادن کي تربيت ڏني پئي وڃي. معذور ۽ خصوصي ماڻهن کي معاشري ۾ آسانيون ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته خصوصي ماڻهو خاص طور تي ڏسڻ کان محروم ماڻهن بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ انهن کي اسڪل سيٽس ڏيڻ ۽ روزگار ??ا موقعا ڏيڻ جي ضرورت آهي. فني تربيت ڏئي خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائي سگهجي ٿو. هن چي?? ته خاتون اول بيگم ثمينه علوي ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم کي وڌائڻ ۽ خصوصي ماڻهن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڀرپور ۽ متحرڪ طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مريضن جي انگ کي گهٽ ڪرڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولتون پيدا ڪري انهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ آهي. صدر چي?? ته خصوصي ماڻهن کي باوقار ??ندگي گذارڻ جي لاءِ انهن کي معاشري جي تعاون جي ضرورت آهي. ان مقصد جي لاءِ حڪومتي ادارن ۽ ن??ي شعبي کي به پنهنجو ڪردار ??دا ڪرڻو پوندو. صدر چي?? ته خصوصي ماڻهن کي ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ معاشري کي پنهنجو مثبت ڪردار ??دا ڪرڻو آهي. روين ۾ تبديلي سان معذور ماڻهن کي عام زندگي طرف آڻي سگهجي ٿو. صدر چي?? ته ٽيڪنالاجي ۽ طب ??ي شعبي ۾ جدت سان اکين کان محروم ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ٿي رهيون آهن. پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ وڏو ڪم ٿيو آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته خصوصي ٻار ??ه تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ عام اسڪولن ۾ وڃن. هن چي?? ته اکين کان محروم ماڻهن کي فني تعليم ۽ هنر سيکاري انهن جي لاءِ روزگار ??ا موقعا به پيدا ڪيا ويندا. هن مراڪش ٽريٽي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چي?? ته ان ٺاهه تحت مراڪش ۾ اشاعتي مواد جي ڪاپي رائيٽس جي حوالي سان نرمي ڪئي وئي آهي. صدر چي?? ته پاڪستان جي معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ڏسڻ کان محروم ماڻهن تائين سموري شايع ٿيل مواد تائين مفت پهچ يقيني بڻائي ويندي. هن خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ ڀرپور شموليت جي لاءِ انهن کي تعليم ۽ روزگار ??ون سهولتون فراهم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ڪامرس سيڪريٽري محمد صالح احمد فاروقي ان موقعي تي خطاب ڪندي چي?? ته گڏيل قومن جي چارٽر ۽ آئين تحت تعليم هڪ بنيادي حق آهي، اسان جي لاءِ ان کان وڏي خوشي ۽ اطمينان جي ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته حڪومت پاران ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي تعليم ۽ انهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي انهن جي خواهش کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هڪ سازگار ماحول فراهم ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ صدر ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ مراڪش ٽريٽي تي صحيحون ڪيون. تق??يب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي، سفارتڪارن، مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصتن ۽ ڏسڻ کان محروم ماڻهن به شرڪت ڪئي.