راولپنڊي-22 ??وم??ر (اي پي پي) اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي ديسي ساخته بم حملي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر مطابق سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي بم حملي ۾ پاڪ فوج جو لانس نائيڪ ??ح??ان بادشاهه (عمر 33 سال، رهائشي ضلع ڪرڪ) ۽ لانس نائيڪ ??اجد حسين (عمر 30 سال، رهائشي ضلع ڪرم) شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به دهشتگرد جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي ۽ ا??ان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون ا??ان جي عزم جي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.