اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف ??ن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم غ??ه جي صورتحال تي ڳالهه ٻ??له?? جي لاءِ هلندڙ مهيني جي شروع ۾ او آءِ سي جي غيرمعمو??ي سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ تي سعودي قياد?? کي ساراهيو. هن عرب ۽ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ڪردار کي ساراهيو. هن غزه ۾ تشدد جي خاتمي ۽ بيگناهه فلسطينين تي اسرائيل پاران ڪيل ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.