اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين 27 آڪٽوبر کي ڪارو ڏينهن ڪري ??لهايو. اسلام آباد ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن سيل جي ??هتمام هيٺ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي قيادت ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي ??ينيئر اڳواڻ غلام محمد صفي ڪئي جڏهن ته حڪومتي وزير احمد رضا قادري آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي نمائندگي ڪندي خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. مظاهري کي حريت ڪانفرنس جي سيڪريٽري جنرل شيخ عبالمتين، سينيئر حريت اڳواڻ سيد ي??سف نسيم سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.