روالپنڊي-06 آڪٽوبر(اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چي?? آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ٻيا سر??اري کاتا غير قانوني سر??رمين خلاف ڪاررواين کي پوري طاقت سان جاري رکندا ته جيئن وسيلن جي چوري ۽ انهن سر??رمين سبب ملڪ کي ٿيندڙ معاشي نقصانن کي روڪي سگهجي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چي?? ڪر??چيءَ جو دؤرو ۽ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان صوبائي ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اپيڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس دوران نظرثاني ٿيل ني??نل ايڪشن پلان، سنڌ جي ڪچي علائقي ۾ آپريشن، سي پي اي سي/نان سي پي اي سي/پرائيويٽ پراجيڪٽس تي ڪم ڪندڙ پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي، غير قانوني پرڏيهين جي وطن واپسي، غير ملڪي ڪرنسيءَ کي ريگولرائز ڪرڻ جي قدمن، ڪر??چي ٽرانسفارميشن پلان، سنڌ ۾ ايس آءِ ايف سي جي قدمن تي اڳڀرائي ۽ گرين سنڌ جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چي?? تاريخي قدمن جي فائدي لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورتن تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه کي ورجايو ته رياستي ادارا، سر??اري کاتا ۽ عوام صوبي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ متحد آهن. ان کان اڳ آرمي چي?? جي آمد تي ڪور ڪمانڊر ڪر??چي سندس استقبال ڪيو.