اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مستونگ ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ جاني ن??صان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري مذمتي بيان ۾ نگران وزيراعظم ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪندي فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ج?? دعا پڻ ڪئي. هن زخمين کي طبي امداد جي فراهمي جي هدايت ۽ انهن جي جلد صحتيابي ج?? دعا ڪئي ۽ چيو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي خا??مي لاءِ پرعزم آهي.