اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جنا?? کي سندس ورسيءَ جي موقعي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چي?? آهي ته پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ ٺاهڻ جي لاءِ سمورون ڌيان تعليم جي فراهمي ۽ غربت جي خاتمي تي ڏيڻو پوندو. صدر باباءِ قوم قائداعظم جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چي?? ته اڄ جي ڏينهن پاڪستان کي قائداعظم جي ويزن موجب هڪ ج??يد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي جو عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چي?? ته قائداعظم امن?? برابري، قانون جي بالادستي، معاشي ۽ سماجي انصاف ۽ اقليتن جي حقن جي وڪالت ڪئي، اڄ جي ڏينهن پوري پاڪستاني قوم ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي عظيم اڳواڻ قائداعظم محمد علي جنا?? کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر چي?? ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن قائداعظم جي دورانديش ۽ مدبراڻي قيادت ۾ گهٽ عرصي ۾ پاڪستان حاصل ڪيو، قائداعظم ڀرپور انداز ۾ هنڌ جي مسلمانن جو ڪيس وڙهيو ۽ هڪ جدا رياست جو قيام عمل ۾ آندو. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قائداعظم جي ٻڌايل سنهري اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو. هن چي?? ته قائداعظم جي ويزن موجب ملڪ جي ڪمزور طبقن سميت عورتن ۽ نوجوانن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ورسيءَ جي موقعي تي قائداعظم محمد علي جناح جي درجن جي بلندي جي پڻ دعا ڪئي.